پلي درويش

پلي درويش: درس پلي درويش ولد درويش ڀاڻو ولد ڪرن، ساڱري درياهه جي ڪناري سان موجوده ٽنڊي الهيار تعلقي جي ايراضيءَ وڏا ڏاڏون ۾ رهندو هو. سندس ستين پيڙهيءَ ۾ ڄام هالو هو، جنهن سومرن جي آخري بادشاهه همير سومري سان جنگ ڪئي هئي ۽ همير کي شڪست آئي. ڄام هالي جي مزار ڪاڇيلي اسٽيشن (ميرپورخاص) لـڳ ’ســوڍا ٻـوڙ‘
جي ڀرسان آهي ۽ کيس ’هالو پير‘ ڪري چون ٿا.
درويش درس پلي ذات جو سمو هو، سندس ڌنڌو درس ۽ تدريس هو. کيس دهلي سلطنت طرفان ’روپاهه‘ جي جاگير (موجوده: جهنڊو مري، ٽنڊوالهيار) مليل هئي، جتي سندس شاندار مدرسو هلندو هو. درويش درس پلي نه صرف مدرس هو، پر وڏيءَ ولايت جو صاحب به هو. هو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو همعصر ۽ صحبتي هو. سندس صحبت شيخ ڀرڪيي ڪاتيار، ڳاڙهي صدر ۽ ميين ونهيين ٿيٻي سان به هئي. روايت آهي ته هنن بزرگن سان سندس ڪشف ۽ ڪرامت جون جهڙپون به ٿينديون هيون. درويش درس پلي، غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي گاديءَ وارن جو مريد ۽ خليفو هو. پاڻ 3 رمضان المبارڪ 967هه/1559ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه ’مشائخ هوٿيءَ‘ جي قبرستان (لڳ ٽنڊي آدم) ۾ آهي، جتي مشائخن جي ميلي سان گڏ سندس ساليانو عرس پڻ ملهائجي ٿو.
درس پلي، سماٽ جي سپوت شخصن مان هو، جنهنڪري سندس اولاد پَلي ذات جي نالي سان ڪوٺيو ويو. کيس پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. سندس پنجن پٽن جا نالا هي هئا: (1) پيرج، (2) احمد، (3) محمد، (4) صديق ۽ (5) ويسو، انهن نالن سان هن وقت پنجن پاڙن (1) ڀيرج، (2) سومريجا (سومرو ولد احمد)، (3) حميدجا (عبدالحميد ولد محمد)، (4) صديقجا ۽ (5) ويسا ۾ ورهايل آهي. ڀيرج وڏو پاڙو ۽ درس پليءَ جا پڳدار آهن.


لفظ پلي درويشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو